راولپنڊي – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي ه?? ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ?? وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي، وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان ملاقات ڪندو ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسي?? امير عبداللهيان ۽ ٻين جي 19 مئي تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت ڪندو.