لاهور-28 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل اڳوڻي وز??راعظم محمد نواز شريف کي بنا مقابلي مرڪزي صدر چو??ڊي ورتو. پارٽي جي مرڪزي صدر جي چو??ڊن لاءِ مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مقامي هو??ل ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف، نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، پنجاب جي وز??راعليٰ مريم نواز شريف، وفاقي وز??رن عطا الله تارڙ، تنوير حسين، امير مقام، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، پنجاب جي سينئر وز??ر مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي اڳواڻ حمزه شهباز شريف، پرويز رشيد، اقبال ظفر جهڳڙا، راجا ظفر الحق، خواجه سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله، شيزه فاطمه، برجيس طاهر، تهمينه دولتانه، حنيف عباسي، خرم دستگير، جاويد لطيف، ر??نا اقبال سميت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت چئني صوبن کان ميمبرن شرڪت ڪئي. پارٽي صدارت جي چو??ڊن لاءِ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ليگ (ن) راڻا ثناءُ الله خان صدر جي چو??ڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جاري ڪرڻ ۽ اسڪروٽني جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته مقرر وقت تائين 10 نامزدگي ڪاغذ مليا جن مان محمد نواز شريف کي صدر طور اميدوار نامزد ڪيو ويو. جانچ پڙتال ۾ سمورا نامزدگي ڪاغذ ضابطي موجب درست قرار ڏنا ويا. راڻا ثناءُ الله جي موجب صدر جي چو??ڊن ۾ نواز شريف واحد اميدوار آهي جنهن جا ڪاغذ مليا ۽ منظور ٿيا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جوا جلاس صدر جي چو??ڊن لاءِ پارٽي آئين تحت عمل ۾ آندو ويو جنهن جي مڪمل تائيد ۽ منظوري ڏيندي اجلاس محمد نواز شريف کي مسلم ليگ (ن) جو صدر قرار ڏي ٿو. جنرل ڪائونسل جي ميمبرن قراراداد جي حق ۾ اٿي تائيد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف مبارڪون ڏيندي چيو ته پارٽي محمد نواز شريف تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهو ان جي ڏاهپ ڀري قيادت جو چٽو ثبوت آهي، الله جو شڪر آهي ته پارٽي جيڪا ذميواري مون کي ڏني ان مان موثر انداز سان سرخرو ٿيو آهيان، ان موقعي تي مريم نواز شريف، حمزه شهباز، خواجه آصف ۽ ٻين پارٽي عهديدارن صدر چو??ڊجڻ تي محمد نواز شريف کي مبارڪون ڏنيون. ان کان اڳ اليڪشن منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان تفصيل بيان ڪندي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار چيو ته 2017ع تي هڪ سازش تحت نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو، انهن حالتن ۾ قائد محمد نواز شريف جي ڊائريڪ??ن تي صدارت محمد شهباز شريف کي سونپي وئي ۽ هن واضح طور تي چيو هو ته هي صدارت مون وٽ امانت آهي ۽ آئون ان امانت کي ان وقت تائين سنڀاليندس جيستائين ضروري هو??دو، هن چيو ته ڊسمبر 2022ع تي اسان جي جنرل ڪائونسل ۽ اليڪشن ٿيڻي هئي پر محمد شهباز شريف جي خواهش هئي ته محمد نواز شريف اچي ته اسان جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ ئي امانت ان جي حوالي ڪري ڇڏيون، محمد نواز شريف آڪٽوبر 2023ع ۾ واپس آيو ۽ اوهان سڀني ان جو والهاڻو استقبال ڪيو ان کانپوءِ محمد شهباز شريف 11 مئي 2024ع تي مسلم ليگ (ن) جي صدارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي، 18 مئي 2024ع تي ماڊل ٽائون ۾ سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 28 مئي 2024ع تي جنرل ڪائونسل جي جلاس ۾ نئين صدر جي چو??ڊ ڪئي ويندي. اڄ 28 مئي تي جنرل ڪائونسل جي چو??ڊن لاءِ ر??نا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جوڙيو ويو ۽ متفقه طور تي محمد نواز شريف کي مسلم ليگ (ن) جو صدر چو??ڊيو ويو آهي.