بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گيمبيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪم??ونٽي سان بنجول ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستاني ڪم??ونٽ?? کي 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمد اسحاق ڊار پاڪستاني ڪم??ونٽ?? کي سربراهه اجلاس دوران ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بنجول ۾ پنهنجي ملاقاتن ۽ سرگرمين بابت ٻڌايو. پاڪستاني ڪم??ونٽي جي ميمبرن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران انهن کي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪ??ڻ ت?? کيس ساراهيو. هنن نائب وزيراعظم کي پنهنجي ڪجهه مسئلن بابت ٻڌايو ۽ انهن تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن پاڪستان ۽ گيمبيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. گيمبيا ۾ پاڪستان جو اعزازي قونصل جنرل ڪيبا ڪروبالي، پرڏيهي سيڪريٽري سفير سائرس قاضي ۽ سينيگال ۾ پاڪستان جي سفير صائمه سيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.