اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪ??ار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعته الوداع، شب قدر ۽ عيدالفطر جي نماز سميت اهم مذهبي ??قريبن جي انعقاد تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي تي پنهنجي گهري مايوسي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته هي مسلسل پنجون سال آهي جڏهن ان تاريخي مسجد ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي۔ ??رج??ان چيو ته مذهبي ??ڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ۽ ڪشميرين جي خصوصي مذهبي موقعن تي گڏ ٿيڻ کان روڪڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذهبي ??زادي جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ پرامن ميڙ جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.