اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي ۽ والدين جي نعمت سان محروم ٻار تمام گهڻي صلاحيتن جا ما??ڪ آهن، سمورا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري ملڪ جي ڀ??پو?? خدمت ڪندا، معياري تعليم جي فراهمي جي لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا، عوام کي علاج جي بهتر سه??لتن جي فراهمي جي لاءِ اسلام آباد، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بتلستان ۾ جديد اسپتالون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي صلاحيتن جي ما??ڪ ۽ والدين جي نعمت کان محروم ٻارن جي اعزاز ۾ افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ت?? کيس خصوصي ٻارن سان ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، اڄ جي افطار ڊنر جا خاص مهمان هي ٻار ۽ ٻارڙيون آهن ۽ آئون ت??هان جو ميزبان آهيان. وزيراعطم چيو ت?? هي ٻار انتهائي ذهين ۽ قابليت وارا آهن جيڪي ايس او ايس ۽ ٻين ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هتي خصوصي ٻار ۽ ٻارڙيون به موجود آهن جيڪي تمام گهڻا قابل ۽ محنتي آهن، انهن جا ارادا بلند آهن، ماءُ پيءُ جي ڇانوَ هجڻ کان وڏي ڪا نعمت نه آهي، جن ٻارن ت?? انهن جي والدين جي ڇانوَ نه آهي ايس او ايس انهن جي والدين جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان جي پياري نبي ﷺ جڏهن هن دنيا ۾ تشريف آندي ته انهن جي والد جي ڇانوَ انهن ت?? نه هئي ۽ جڏهن انهن جي عمر 6 سال هئي ته انهن جي والده محترمه پڻ لاڏاڻو ڪري وئي پر اسان جا پيارا نبي ﷺ الله تعاليٰ جا سڀ کان محبوب نبي آهن جن ت?? وحي جي ذريعي قرآن ڪريم نازل ٿيو. هن چيو ت?? هي رمضان المبارڪ جو مهينو آهي ۽ ان جون برڪتون سڀني تي نازل ٿي رهيون آهن، توهان معصوم ٻار آهيو، تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو، توهان پنهنجي قابليت سان ڊاڪٽرز، انجنيئرز، فوجي آفيسر بڻجندا ۽ پنهنجي ملڪ جي ڀ??پو?? خدمت ڪندا. وزيراعظم چيو ت?? مون کي توهان جي ميزباني ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن مهمان نوازي ۾ ڪا گهٽتائي رهجي وئي ته معافي جو درخواستگذار آهيان، هي وزيراعظم هائوس جو ت??هان هائوس آهي، توهان تعليم حاصل ڪري هڪ ڏينهن هتي اچي قوم جي خدمت ڪندا. وزيراعظم چيو ت?? اسلام آباد ۾ پڻ دانش اسڪول ٺاهيو ويندو، ان کانسواءِ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن، ڪشمير ۽ گلگت ۾ پڻ دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا، جتي ٻارن کي تعليم جون سموريون سه??لتون مفت حاصل هونديون، خوراڪ، رهائش، يونيفارم ۽ ڪتاب مفت ڏنا ويندا، خصوصي صلاحيتن جا ما??ڪ سمورا ٻار مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ڀ??پو?? خدمت ڪندا، توهان جا استاد توهان کي اهڙي تعليم ڏيندا جنهن سان ت??هان عظيم پاڪستاني بڻجندا ۽ دنيا ۾ پنهنجي قابليت کي مڃرائيندا. وزيراعظم چيو ت?? اسلام آباد ۾ مريضن جي علاج جي جي بهتر سه??لتن جي فراهمي لاءِ جديد اسپتال ٺاهي ويندي، اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ جديد سه??لتن واريون اسپتالون ٺاهيون وينديون، منهنجي دعا آهي ته الله توهان کي خوش رکي، اهڙي طرح جون ملاقاتون اڳتي به ٿينديون رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف هڪ هڪ ٻار وٽ ويو ۽ انهن سان پيار ڀرئي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻارن کان انهن جي تعليمي سرگرمين بابت معلوم ڪيو. خصوصي ٻارن وزيراعظم جي هٿ تي پاڪستان جو قومي جهنڊو پڻ پينٽ ڪيو. وزيراعظم ٻارن کي پاڻ کاڌو پيش ڪيو ۽ انهن کي تحفا پڻ ڏنا.