اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چي?? آهي ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي کانپوءِ چيني حڪومت سان رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 5 چيني شهرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چ??و ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون. ترجمان چ??و ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بشام دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چ??ن دوستي جي دشمنن ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته اسان گڏجي اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. هن چ??و ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.