اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ وڌيڪ آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ريڊيو ??اڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي، ريڊيو ??اڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي، توانائي واري وزارت کي درخواست ڪئي آهي ته ريڊيو ??اڪستان کان بجلي جي بلن تي ڪمرشل ٽيرف چارج نه ڪيو ??ڃي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ريڊيو ??اڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل کاتن ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پي ٽي وي جي مالياتي پلان جي حوالي سان ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ٻڌايو ??يو ته پي ٽي وي ۾ اٽڪل 4100 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي وي تي وڏي لائبلٽي پينشن جي هئي جنهن کي ڪنٽري بيوٽري فنڊ ۾ تبديل ڪيو ??يو آهي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ??يو ته بجلي جي بلن جي مد ۾ پي ٽي وي کي حاصل ٿيندڙ روينيو سان پي ٽي وي جا پروگرامز ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي معياري پروگرامز کي سوشل ميڊيا تي به اپ لوڊ ڪري رهي آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جي پروڊڪٽ?? جي پبلسٽي جي لاءِ مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ کي بهتر ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايڊيشنل ??يڪريٽري اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر هوندو آهي، ڪابينا جي منظوري سان ڪنهن به اهل شخص کي اداري جو سربراهه لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت وٽ جڏهن اهو معاملو آيو ته اسان بهتر اهو ئي سمجهيو ته اهو ڪم چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو ??ڃي، سليڪشن جي لاءِ اشتهار ڏيڻ جو ڊگهو پراسيس آهي جيڪو نگران دور ۾ ممڪن نه هو، مناسب اهو ئي سمجهيو ته نئين پارليامينٽ ۽ حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته اها پنهنجو استحقاق استعمال ڪندي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي نيشنل ??راڊ ڪاسٽر آهي، پي ٽي وي واحد چينل ??هي جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ٿو، پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به پي ٽي وي جي نشريات ڏٺي وڃي ٿي. پي ٽي وي اسپورٽ?? جي رائيٽ?? جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي پي سي بي سان رجوع ڪيو ??يو آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽ?? جي رائيٽس بابت موجوده ۽ گذريل چيئرمين پي سي بي سان ملاقات ٿي هئي. ڪميٽي کي ريڊيو ??اڪستان جي نئين قدمن ۽ خصوصي پروگرامن بابت بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ريڊيو ??اڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي اطلاع جي فراهمي آهي. ريڊيو ??اڪستان کان چارج ٿيندڙ بجلي جي بلن جي حوالي سان توانائي واري وزير ۽ توانائي واري سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪئي آهي، اسان توانائي واري وزارت کي درخواست ڪئي ته ريڊيو ??اڪستان کي بجلي جي بلن جي مد ۾ ڪمرشل اگهه چارج نه ڪيا وڃن. هن چيو ته ريديو ??اڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، هي حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي جنهن جو ڪم ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي تنهن ڪري اسان کان ڪمرشل اگهه تي بل چارج نه ٿيڻ گهرجن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي آهي.