اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلا?? ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ??ه گذريل رات ايران پاران پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلا?? ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلا?? ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ??و جواز نه آهي. پاڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ??ه اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو ??هي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو ??هي ته پاڪستان ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ??ه?? ۽ ??اڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي آهي ان کي چيو ويو ??هي ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلا?? ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.