اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگ??اني ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب دستياب آهي. هن هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگ??اني ڪئي وڃي. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وف??قي وزارتون صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگ??ان وف??قي وزير ڊاڪ??ر شمشاد اختر، توانائي واري نگ??ان وف??قي وزير محمد علي، قومي غذائي تحفظ واري نگ??ان وف??قي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار واري نگ??ان وف??قي وزير گوهر اعجاز، نگ??ان صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.