ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مل?? جي معيش?? جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ م??رڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت پنهنجي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، اهڙي معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جا ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي، وفاقي حڪ??مت معيش?? جي بهتري لاءِ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ملڪي معاشي ترقي ۽ اقتصادي لچڪ بابت منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ ناڻي واري وزارت، اسٽاڪ م??رڪيٽ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۾ اسٽاڪ م??رڪيٽ جو اهم ڪردا?? آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪ??متي سيڪيورٽيز آڪشنز، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ، قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪارن پاران حڪ??متي اجاره سڪو?? جي پهرين پرائمري آڪشن ۾ شرڪ?? جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته ريٽيل سيڙپڪارن جي خاص طور تي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اسٽاڪ بروڪر ايسوسيئيشن، ايس اي سي پي ۽ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي پرائمري مارڪيٽ آڪشن کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسٽاف مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۾ مدد ملي ٿي. ترقي ۽ خوشحالي طرف اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن ٿا. هلندڙ سال اسان جي معيشت کي مختلف چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ حڪ??مت ڍانچاجاتي ۽ مائيڪرو اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا. ان سلسلي ۾ معيشت کي ٻيهر پنهنجي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي تعاون کي ساراهيون ٿا جنهن سان ڊالر جي قدر کي هيٺ آڻڻ ۾ مدد ملي آهي جيڪو 5 سيپٽمبر 2023ع تي 207 رپين تائين پهچي ويو هو ۽ اڄ ??هو انٽر بئنڪ ۾ 284 رپين جي لڳ ڀڳ آهي، ان سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪ??مت پاران آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته حڪ??م?? جي انهن مثبت قدمن سان ملڪ ۾ سازگار ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ ماحول پيدا ٿيو آهي. ملڪي معيش?? جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ م??رڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪ??مت پائيدار اقتصادي ترقي ۽ معيش?? جي بهتري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي فروغ جي لاءِ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي. اسان کي جد?? جي فروغ، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ ۽ شفافي?? جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ته جيئن اهو بنياد مستحڪم رهي جنهن تي اسان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ بيٺل آهي. نگران وزيراعطم چيو ته اسان اهڙي معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جي ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي. بعد ۾ نگران وزيراعظم رسمي گهنٽي وڄائي اسٽاڪ م??رڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي شروعات ڪئي. تقريب کي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر پڻ خطاب ڪيو.