دبئي – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 82 هين ڪانفرنس آف پ??رٽيز (ڪوپ – 28) ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله سلطان بن عواد النعيمي، گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمزي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پ??رٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي ڪندو. نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران و??اق?? وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران و??اق?? وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران و??اق?? وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪندا.