اب??ظه??ي – 28 – نو??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اب??ظه??ي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو ڪيو. وحت الڪرامه گڏيل عرب امارات جي انهن هيروز جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويو آهي جن پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات پريزيڊنٽ ڪورٽ ۾ شهيدن جي خاندانن جي معاملن واري آفيس جي چيئرمين شيخ طيب بن محمد بن زيدالنهيان نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ نگران وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. اها يادگار گڏيل عرب امارات جي قيادت، عوام ۽ بهادر فوجين جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي علامت آهي ۽ 31 پينلز تي ٻڌل آهي. نگران وزيراعظم وحت الڪرامه جو تفصيلي دورو ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر نو?? ڪيا?? جنهن ۾ گڏيل عرب امارات جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وحت الڪرامه گڏيل عرب امارات جي گادي واري شهر اب??ظه??ي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي، جيڪو گڏيل عرب امارات جي شهيدنجي بهادراڻي قدمن ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.