اسلام ??باد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روس سان ٻطرفا و??پا??ي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??پا?? ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ روس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊانيلا گاينچ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند آهي، پاڪستان روس سان و??پا??، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ روس لاڳا??ا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻ??ل عالمي نظام ??ي گڏيل موقف تي ٻ??ل آهن. صدر غزه جي صورتحال، فلسطيني عوام ??ي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين سميت هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئي. صدر پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌي?? مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردار کي ساراهيو. صدر روسي سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.