اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڊگھي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان آءِ ايم ايف جي مشن چيف نا??ن پورٽر ۽ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جي ريزيڊنٽ نمائندي ايسٿر پيريز ملاقات ڪئي ۽ کيس اسٽينڊ بائي معاهدي (ايس بي اي) جي پهرين جائزي تحت حڪومتي ٽي?? سان فني سطح تي ٿيندڙ ??ال??ه ٻولهه جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. نا??ن پورٽر پروگرام جي ٽه ماهي هدفن کي پورو ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ فني سطح تي ??ال??ه ٻولهه جو مثبت نتيجو نڪتو آهي. هن چيو ته ٻنهي ٽي??ن ايس بي اي جي مختلف رخن تي وسيع ڏس ۾ ??ال??ه ٻولهه ڪئي آهي. هنن فني سطح تي ??ال??ه ٻولهه ۾ ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽي?? ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان گڏ سندس ٽي?? جي ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ??اڪستان سان جاري ڪم تي آءِ ايم ايف جي ٽي?? جا ٿورا مڃيا ۽ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزير جي قيادت ۽ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ٽي?? جي تعاون کي ساراهيو. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. نگران وزير??عظ?? آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو مقصد ڊگهي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا.