اسلام آباد- 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ صحت جي عالمي اداري صحت جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ مفاهمت جي ياد داشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن واري تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، قومي صحت جي نگران وزير ڊاڪٽر نديم جان، سيڪريٽري هيلٿ افتخار علي شلواني ۽ ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪزئي به موجود هئا. مفاهمت جي ياد داشت تي س??ڪريٽري صحت افتخار شلواني ۽ صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ??ائ??يڪٽر ڊاڪٽر ماهييالان مفاهمت جي ياد داشت تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ??ائ??يڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪزئي بريفنگ دوران ٻڌايو ته علاج لاءِ يونيورسل هيلٿ ڪوريج حڪومت ج?? اولين ترجيح آه?? ۽ ان مقصد لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ به سڄي دنيا ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي معاملن بحث ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي شروعات ڪئي آه??. ان لاءِ پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري طب?? اوزان، ايمبولينسون ۽ موبائل يونٽس جي فراهمي، ليبر رومز ۽ صحت جي بنيادي ۽ ث??نوي س??ولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جي مدد ڪري رهيو آه??. ان موقعي تي وزيراعظم کي ايمبولينسون ۽ موبائيل هيلٿ يونٽس جون چاٻيون ڏنيون. وزيراعظم صحت جي عالمي اداري طرفان فراهم ڪيل ايمبولينسن جو معائنو به ڪيو .