اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوند??، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي گوادر بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر، سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل ??ئا. ملاقات ۾ وفد نگران وزي??اع??م کي درخواست ڪئي ته گوادر بندرگاهه کي مڪمل ??عال بڻائڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ڪجهه حصو گوادر بندرگاهه تان پاڪستان درآمد ڪيو وڃي. نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م چيو ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو مرڪز هوند??، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ان اهم بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته گوادر ۾ فشريز جي صنعت کي جدت ڏني وڃي، گوادر ۾ مُهاڻن کي جديد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح تي لاڳو معيار موجب مڇي??َ جهلڻ جي طريقيڪار جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي، گوادر تان فشريز جي شعبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وفد نگران وزي??اع??م کي شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس جي مسئلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران وزي??اع??م وفد کي انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل جي خاطري ڪرائي. وفد نگران وزي??اع??م کي گوادر ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفد حڪومت جي مُهاڻن کي روزگار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گوادر جي مجموعي طور تي مسئلن جي حل لاءِ قدمن کي ساراهيو.