اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني ??ڻا??ي ويندي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي ب??يفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني ??ڻا??يندي.