اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي موٽروي ايم ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين رستي جي عدم دستيابي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو ته ممڪن ٿيو ته نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي ان تي ڪم ??روع ڪرايو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کان ايندڙ مسافرن جي لاءِ موٽروي ايم ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ طرف رستي جي عدم دستيابي سان ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سينيٽر محسن جيڪو م??املو اٿاريو آهي ۽ جيڪا تجويز هن پيش ڪئي آهي اها تمام مناسب آهي، خيبرپختونخواهه مان ايندڙ ماڻهن جي تڪليفن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، اهو م??املو اڄ ئي لاڳاپيل وزارت جي نوٽيس ۾ آندو ويندو ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته موجوده نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي اهو منصوبو شروع ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي هدايت ??ئي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ منصوبابندي ڊويزن ان حوالي سان منصوبو تيار ڪن ۽ حڪومت ان لاءِ فنڊز فراهم ڪري.