راولپنڊي-22 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان ??عو??ي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي اعليٰ اختياراتي فوجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن وا??ي شعبي موجب ملاقات ??ور??ن ڌرين دفاع ۽ سلامتي جي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ وفد جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز ۾ چيئرمين جوائ??ٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان به ملاقات ڪئي.