اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ت?? خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پو??دو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظه??ر برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي م??مبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي م??ڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل اولمپڪس راندين جي م??دان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي م??ابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ت?? ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.