اسلام آباد – 25 – جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي و??ير اسعد محمود، توانائي و??ري وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي و??ير مصدق کانسو??ءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ يارڪ کان پهاڙپور رو??، بنون چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره اسماعيل خان ب??ءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ سميت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.