اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ ر??بط?? سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي ??ورغر جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ضلعي ??ورغر ۾ مختلف ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ ر??بط?? سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ان موقعي ??ي مقامي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر پڻ ا?? موقعي ??ي موجود هئا. اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ضلعي ??ورغر ۾ روڊ، پلين ۽ ٻين منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان ضلعي ??ورغر ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي دور ۾ هتي تاريخي منصوبا شروع ڪيا. گذريل حڪومت انهن منصوبن کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو. نواز شريف جي منصوبن کي اڳتي وڌايو ويندو. بجيٽ ۾ انهن منصوبن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. وفاقي حڪومت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ منصوبي جي معاونت ڪندي. وزيراعظم کي بونير ۾ به مختلف ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته بونير ۽ تورغر جي ترقياتي منصوبن تي ڪم ج?? رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. انهن منصوبن تي ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ معيار ۽ شفافيت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو وڃي.