اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس محمد ابراهيم خان جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي وقتي جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي ??ڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جو عهدو جسٽس مسرت هلالي جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي ڪري خالي هو، جسٽس محمد ابراهيم خان پشاور هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي. جسٽس محمد ابراهيم خان جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 196 تحت باقاعده چيف جسٽس جي مقرري تائين ڪئي وئ?? آهي.