اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان ام?? کي حج جي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خ??شح??لي جو گهوارو بڻجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مڪه مڪرمه ۾ حج جي فرض جي ادائيگي ڪندڙ لکين حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان ام?? کي منهنجي پاران حج 1444هه تمام گهنو مبارڪ هجي، حج جي موقعي تي منهنجي الله جي آڏو اها دعا آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خ??شح??لي جو گهوارو بڻجي. هن چيو ته منهنجي حج جي هن مقدس موقعي تي اها به دعا آهي ته الله تعاليٰ مسلمان ام?? خاص طور تي اسان جي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀين??ن ڀائرن جون سموريون مشڪلاتون ختم ڪري.