اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عيدالاضحيٰ جي برڪتن ۽ خو??ي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار آهي جنهن اطاعت ۽ قرباني جي هڪ اهڙي لازوا?? روايت قائم ڪئي جنهن جي پيروي قيامت تائين جاري رهندي، قرباني جو اهو جذبو هڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ ايثار ۽ قرباني جو جذبو موجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته اس??ن کي پنهنجي سمورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺتي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خو??حالي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترقي ۽ خو??حالي جي لاءِ گڏجي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قربانين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اسان سڀني کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خو??حالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته عيدالاضحيٰ جون خو??يون ملهائيندي اس??ن کي پنهنجي انهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خاص طور تي خيال رکڻ گهرجي جيڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور ??ي پٺتي رهجي ويا هجن، عيد جون خو??يون ملهائيندي اس??ن کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي آهي ته جيئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي خو??ين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اس??ن کي ملڪ جي انهن معمارن، شهيدن ۽ محافظن کي پڻ ياد رکڻو آهي جن ملڪ جي حفاظت، تعمير ۽ ترقي ۽ سربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جانين تائين قربان ڪري ڇڏيون. آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو اس??ن کي عيدالاضحيٰ جون حقيقي خو??يون نصيب فرمائي ۽ اسان جي قرباني کي شرف قبوليت بخشي ۽ اس??ن کي ان عظيم عبادت کي ان جي روح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.