اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي آهي ته بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب ر??يا فراهم ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير ??يو ته گذريل سال مهمند ڊيم جي تڪميل لاءِ 12 ارب ر??يا فراهم ڪيا. ايندڙ مالي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم رکي پئي وڃي. هن ??يو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ارب ر??ين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ناڻي واري وزير ??يو ته ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 20 ارب ر??يا فراهم ڪيا ويندا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا، تربيلا هائيڊرو پاور جي گنجائش ۾ واڌ لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي ويندي. هن ??يو ته انهن منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.