اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سگريٽ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ ملڪ ۾ سگريٽ جي سمورن ڪارخانن تي ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سگريٽ سازي جي صنعت ۾ خودڪار ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ، پوائنٽ آف سيلز ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ??زي??اعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اسمگلنگ ۽ غيرقانوني سگريٽ جي وڪري جي روڪٿام ۾ ايف بي آر کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪيو وڃي. هن ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ خودڪار ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ??زي??اعظم حڪم ڏنو ته بارڊر ڪراسنگ تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن جي ٽينور پوسٽنگ ڪئي وڃي. هن پڇاڻو ڪيو ??ه سمورين شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم ڇو نه هنيو ويو؟ ??زي??اعظم شگر ملز تي هيستائين خودڪار ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم نه لڳڻ جي لاءِ ذميوارن جو تعين ڪري انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي ڪارندن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي، ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي چوري ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي حوالي سان قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي کي وڌيڪ ??يز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سگريٽ جي ڪارخانن ۾ ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه هن وقت ملڪ ۾ اڪثر فيڪٽرين تي ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم لڳايو ويو ??هي جڏهن ته باقي تي ان کي لڳائڻ جو عمل جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ موجود فيڪٽرين تي ان کي لڳائڻ جي لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي ايف بي آر پاران غيرقانوني سگريٽ جي وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه ايف بي آر 7 لک نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو آهي ۽ هلندڙ سال پنهنجي هدف کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو ??هي. اجلاس کي شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي پڻ آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم سمورين شگر ملز ۾ هيستائين خودڪار ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم نه هڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته معيشت جي سمورن وڏن سيڪٽرز ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. ان قدم سان ملڪي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ بهتري ايندي ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. ??زي??اعظم ايندڙ ٻن هفتن ۾ انهن قدمن تي مثبت اڳڀرائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و فاقي ??زي??ن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، اعظم نذير تارڙ، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهازيب خان، طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.