اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته اسان جي فارن سروس آفيسرن سڄي دنيا ۾ پاڪس??ان جو موقف بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ماحولياتي تبديلين بابت موقف تي سڄي دنيا پاڪس??ان سان گڏ هئي، جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪس??ان ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي برادري اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، مشڪل وقت ۾ دنيا پاران ساٿ ڏيڻ اسان جي بهترين پرڏيهي پاليسي جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن سروس اڪيڊمي ۾ 42 هين اسپيشلائيزڊ ڊپلوميٽڪ گريجوئيشن ڪورس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪس??ان ماحولياتي تبديلين بابت هر فورم تي آواز اٿاريو ۽ سڄي دنيا پاڪس??ان سان گڏ بيٺل رهي. هن چي?? ته پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي کي ملڪي مفادن موجب ٺاهيون ٿا. اسان کي پرڏيهي پاليسي سان گڏوگڏ هر ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي فروغ ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته پاڪس??ان ۾ گذريل سال ايندڙ خوفناڪ ٻوڏ کانپوءِ چي?? ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن اسان جي ڀرپور مدد ڪئي، جنهن کانپوءِ جنيوا ۾ ماحولياتي تبديلين بابت ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪس??ان ڪانفرنس جي موقعي تي دنيا اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چي?? ته پاڪس??ان ماحولياتي تبديلين بابت هر فورم تي آواز بلند ڪيو. پرڏيهي پاليسي کي ملڪي مفاد موجب ٺاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چي?? ته منهنجي لاءِ تقريب ۾ شرڪت اعزاز جو سبب آهي. هن نوجوان سفارتڪارن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته ڊائريڪٽر جنرل فارن سروس اڪيڊمي ۽ ان جي ٽيم به مبارڪباد جي مستحق آهي، جنهن ڪورس منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزير چي?? ته فارن سروس اڪيڊمي عالمي معيار جا سفارتڪار تيار ڪيا آهن. فارن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪس??ان کانسواءِ دوست ملڪن جي سفارتڪارن کي به تربيت ڏني پئي وڃي. هن چي?? ته پاڪس??ان ملڪي ۽ عالمي سطح تي مشڪلاتن جي باوجود اڳتي وڌي رهيو آهي. اتحادي حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جنهن ۾ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪس??ان جي نڪرڻ کانسواءِ ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان ماحولياتي تبديلين بابت هدف حاصل ڪرڻ کانسواءِ پاڪس??ان کي جي 77 پلس چائنا گروپ جي سربراهي جو اعزاز به حاصل رهيو. هن چي?? ته موجوده حڪومت سڀني عالمي پارٽنرز سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو. جڏهن ته جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪس??ان ڪانفرنس جو انعقاد پاڪس??ان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مثال آهي. پرڏيهي وزير فارن سروس اڪيڊمي مان تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ٻين شريڪ ٿيندڙن کي جيو پوليٽڪس، يوڪرين تڪرار ۽ دنيا کي هن وقت درپيش مسئلن سان گڏوگڏ اتحادي حڪومت جي ڪاميابي بابت آگاهه ڪيو. هن چي?? ته گذريل سال خوفناڪ ٻوڏ سان اولهه کان اوڀر تائين دنيا پاڪس??ان سان گڏ بيٺل رهي. آمريڪا ۽ چي?? به مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو. وچ اوڀر جي ملڪن سميت اسلامي ملڪن ۽ يور??ي يونين کانسواءِ آسيان ملڪن به پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو، جيڪا ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي آهي. هن چي?? ته گهٽ وسيلن ۽ وڌيڪ محنت سان پاڪس??ان جي سفارتڪارن پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي جديد ڪميونيڪشن، ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو، جڏهن ته فارن سروس کي نئين گهرجن سان هم آهنگي ڪرڻ سان گڏوگڏ ايڪسپورٽ مارڪيٽ کي ڳولڻ جي به ضرورت آهي. فارن سروس کي انتظامي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتر بڻائڻ وقت جي گهرج آهي. پاڪس??ان جي سفارتڪارن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا سان به هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته فارن سروس اڪيڊمي ۾ نوجوان سفارتڪارن جي تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ سفر ختم ٿيو آهي، جڏهن ته انهن جي لاءِ هڪ نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته فارن سروس اڪيڊمي اهڙا نوان گريجوئيٽس تيار ڪندي، جيڪي هر لحاظ کان قابل هوندا. تقريب جي پڄاڻي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿيندڙ گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس ۽ ميڊلز ورهايا. ان کان اڳ فارن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل اڪيڊمي اچڻ تي پرڏيهي وزير ۽ ٻين مهمانن جي آجيان ڪندي انهن جا ٿورا مڃيا. هن چي?? ته پاڪس??ان جي پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جي تربيت جي لاءِ هي ادارو اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ نئين گريجوئيٽس جي لاءِ تربيتي پروگرام انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اڄ جي پروگرام ۾ 21 گريجوئيٽس کي سرٽيفڪيٽس ڏنا پيا وڃن. هن چي?? ته اداري کي مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.