پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌ??اڪ?? جي زخمين ??ي عيادت ڪئ??. ايل آر ايڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر ام??ر مقام، آءِ جي پوليس معظم ??اه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ايڇ جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين ??ي عيادت ڪئ??. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئ?? ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.