اسلام آب??د– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ ??اق??ن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آ??ن. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ان??ن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ ??اق??ن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آ??ن. ??ن چيو ته ان??ن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن.