اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر افغان عبوري حڪومت جي ??ائ?? وزيراعظم عبدالسلام حنفي سان افغانستان جي دوري دوران ڪابل ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب افغانستان جي مائنز ۽ پيٽروليم وارو وزي?? شهاب الدين دلاور به ان موقعي تي موجود هو. ملاقات دوران ٻطرفي واپار ۽ رابطن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.