اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه لاءِ ??اڪ??تان جي نامزد سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ??اڪ??تان ترڪيه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار جي معاهدي تي صحيحن سان وچولي مدي ۾ 5 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپاري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن سڄي د??يا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ جتي مسلمانن کي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي ڪوششن جي لاءِ ترڪيه جي حمايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيه پاران ??اڪ??تان جي حمايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نامزد سفير کي چيو ته هو ترڪيه کي انهن جذبن کان آگاهه ڪري. صدر نامزد سفير کي يقين ڏياريو ته ??اڪ??تان ترڪيه جي بنيادي ايشو تي ان جي حمايت لاءِ پرعزم آهي. ??اڪ??تان جي ترڪيه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي ??ور تي 190 کان وڌيڪ معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيح??ن ڪيون ويون آهن.