اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??بي?? بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف به موجود هو. وزيراعظم ??غا خان کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ فراخدلاڻي ت??او?? تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ترقي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ ??بي?? بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خان وزيراعظم ??ان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 م??ين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.