نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب و??ير??عظم محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. و??ير??عظم شهزاده محمد بن سلمان کي سعودي عرب جي 92 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن سعودي عرب جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون. و??ير??عظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال ۽ امداد ۽ بحالي جي جاري ڪوششن بابت پڻ آگاهه ڪيو. و??ير??عظم ”ڪنگ سلمان هيومنيٽيرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر“ پاران ٻوڏ وارن علائقن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ امدادي سامان جي پهچ لاءِ ”فضائي ??ل“ جي قيام ۽ پاڪستاني ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عوام کان عطيي جي وصولي لاءِ سعودي عرب ۾ ”ساهم“ پورٽل شروع ڪرڻ تي خادم الحرمين الشريفين جا ٿورا مڃيا. سعودي ولي عهد پاڪستان ۾ تيز چومالسي جي برساتن ۽ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري عوام جي قيمتي جانين جي زيان ۽ روزگار جي ذريعن ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل مدد ۽ حمايت کي ساراهيو ۽ ولي عهد کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع تر سيڙپڪاري ۽ حصيداري سان عبارت مضبوط حصيداري سميت جاري قدمن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.