اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پاڪست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي رابطي جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان ٽي امدادي اڏامون پاڪستان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏام جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪ??اچ?? ۽ ٻه اڏامون نور خان ايئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل عرب امارات مان مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سام??ن ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوا?? جو ٿورائتو آهي.