اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته پا??ستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت د??پي?? آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پا??ستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي، اڄ هي صورتحال پا??ستان کي د??پي?? آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هو پا??ستان جي عوام جي لاءِ اجنبي نه آهي، پا??ستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، هي منهنجي دل جي ويجهو آهي، اڄ کان 17 سال اڳ جڏهن هو گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جو سربراهه هو ته هن افغان پناهگيرن جي لاءِ هتي ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته پا??ستان گهٽ وسيلن جي باوجود 60 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پا??ستان جو دورو ڪيو، دهشتگردي جي ڪري پا??ستان کي تمام گهڻو نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن، ان دوران به هو پا??ستان آيو جڏهن سوات مان لکين ماڻهو دهشتگردي جي ڪري بي گهر ٿيا، تڏهن آئون هتي هئس. هن چيو ته پا??ستان کي هن وقت تمام وڏو قدرتي سانحو د??پي?? آهي، ايتري قدر وڏي ڪاٿي جي قدرتي آفت ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پا??ستاني متاثر ٿيا آهن، ماڻهو بري حالت ۾ رهي رهيا آهن، انهن جا گهر، روزگار، فصلون تباهه ٿي ويون آهن، انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پا??ستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، هي يڪجهتي جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چيو ته پا??ستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديليون د??پي?? آهن، تازي ٻوڏ ۽ ق??رتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پا??ستان جو موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ ڪو حصو نه آهي پر هو ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پا??ستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلين کي روڪڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پا??ستان متاثر ٿيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پا??ستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن عالمي برادري ان جي معترف آهي، پا??ستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور تعاون ڪري. هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي ڪري قدرتتي آفتن جي دور ۾ رهي رهيا آهيون، اڄ اها صورتحال پا??ستان کي د??پي?? آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي پا??ستان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو عالمي برادري کي هن مشڪل صورتحال ۾ پا??ستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل جي پا??ستان جي دوري تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان پاران اهڙي وقت جڏهن پا??ستان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۽ ق??رتي آفت جو شڪار آهي، ان موقعي تي پا??ستان جو ان پاران پا??ستان جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جو پيغام آهي، هو اهل پا??ستان کي اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته هو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پا??ستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان جي دائره ڪار ۾ دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين ڪنداسين، بطور سيڪريٽري جنرل وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۽ هاڻي اين ايف آر سي سي ۾ سندس ڳالهه ٻولهه مان لڳي ٿو ته هن پنهنجي سچي دل سان ڳالهه ڪئي آهي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته هو هڪ درد دل رکندڙ پا??ستاني وانگر ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ ملڪي سطح تي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي جي شفافيت سان استعمال جي خاطري ڪرائي ٿو.