اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار لاءِ ڀائر ملڪ ترڪيه جا چار ج??از امدادي سامان کڻي ڪر??چي پهچي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ترڪ حڪومت پار??ن موڪليل امدادي سامان جي کيپ صدر رجب طيب اردوان جي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي هر قسم ج?? مدد جي عزم جو حصو آهي. پرڏيهي وزارت جي عملدارن انساني امداد کڻي ايندڙ اڏامن جي آجيان ڪئي. ڪر??چي ۾ ترڪيه جي قونصل جنرل سيمل سانگو امدادي شيون پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪيون. ترجم??ن موجب امدادي سامان ۾ خيما، دوائون، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو ضرو??ي سامان شامل آهي.