اسلام آب??د – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سکر روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم سنڌ جي صوبي سکر، روهڙي، خيرپور، ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪندو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم ??ي جا نمائندا وزيراعظم ??ي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو احوال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان مل??قا?? ڪندو. بعد ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج ٻوڏ جي تباهي بابت وزيراعظم ??ي بريفنگ ڏيندا.