اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ يونيورسٽي مضمون نويسي جي مقابلن جو اهتمام ??يو ويو آهي. اهي مقابلا پلاننگ ڪميشن واري وزارت جي تعاون سان ڪرايا پيا وڃن. ايڇ اي سي عملدارن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ سڀني يونيورسٽين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، مضمون نويسي جا اهي مقابلا اردو ۽ انگريزي زبان ۾ ٿيندا جنهن جي لاءِ عنوان پاڪستان جي ترقي جو سفر (1947ع ک??ن 2022ع) تائين ترقي پذير ملڪن جو تقابلي جائزو ۽ 2047ع جو پاڪستان نئين نسل جي امنگ رکيو ويو آهي. مقابلي جي لاءِ پهريون انعام 5 لک ر??يا، ٻيو 3 لک ر??يا، ٽيون 2 لک ر??يا ۽ چوٿون انعام هڪ لک ر??يا رکيو ويو آهي. مضمون 2500 کان 3000 هزار لفظن تائين آسان زبان ۾ هجڻ گهرجي.