مظفر آباد – 04 –; آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ??ار?? پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ۾ ترميم ذريعي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ غيرمسلمان رهواسين کي شهريت ڏيڻ جو ڀيانڪ منصوبو والاريل ڪشمير جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي سازش هئي جنهن جي تسلسل ۾ لکين ڀارتي ??ندوئن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا ۽ بوگس تڪ بنديون ڪري رياست جي مسلم تشخص کي ختم ڪيو پيو وڃي، اسان انهن سمورن قدمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهي سمورا قدم گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي منظور ٿيل قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ ان تي گڏيل ق??من جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي، ??ار?? جي فسطائي حڪومت ڊوميسائيل قانونن تحت ڪشميرين کان انهن جي رهائش، شهريت، روزگار ۽ زمين جي ملڪيت جا حق کسي ورتا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ سڄي ??ار?? مان 40 لک کان وڌيڪ هندوئن کي آڻي ڪشمير ۾ آبادڪاري ڪئي وئي آهي، قابض فوجين ۽ ??ار??ي سرڪاري آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن کي هڪ منظم منصوبي تحت ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، هدف اهو آهي ته والاريل واديءَ جي آبادي جي تناسب کي مستقل طور تي تبديل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ??نهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اسان دنيا جي بهادر ترين قوم ڪشميري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن غاصباڻي قبضي ۽ دهشتگردي جي باوجود پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي. آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جا ماڻهو توهان سان گڏ بيٺل آهن ۽ توهان جي آزادي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد پار ڪندا، ڪشمير مسئلي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ??ار?? جيڪي قدم کنيا ان سان گڏيل ق??من ۾ موجود ڪشمير مسئلي جي حيثيت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. گڏيل ق??من جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي راءِ جي ابتڙ حل نه ٿو ڪري سگهجي. اهي گڏيل ق??من جون قراردادون ئي آهن جيڪي ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏين ٿيو.