اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پن??اب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه ش??با?? شريف کان سندس عهدي جو حلف ورتو، حلف برداري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿي، حلف برداري تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود هو، تقريب کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پرويز اشرف حضرت داتا گنج بخش رحمته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پن??اب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه ش??با?? شريف کان حلف وٺڻ لاءِ لاهور پهتو، قومي اسيمبلي سيڪريٽري موجب لاهور ايئرپورٽ تي صوبائي ??نت??اميه پاران سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو