اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي وقتي اس??يڪر قاسم خان سوري اڳوڻي و??اق?? ڪابينا پاران قومي اس??مبلي ڏانهن م??ڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن م??ڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اس??مبلي جو اجلاس وقتي اس??يڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پاڪستان جي حيثيت ۽ قومي اس??مبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ و??اق?? ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هي خط پاڪستان جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اس??يڪر اسد قيصر کي ڏنو ويو هو ??اڻ?? اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ??ه جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪستان جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن م??ڪلڻ جو حڪم ڏنو.