اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وا??ار ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حل ??اء?? گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ??يندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي س??حد امن ۽ دوستي جي س??حد آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي مسئلن کان ب??ڻ جي ??اء?? عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم خاص طور تي وا??ار ۽ علائقائي رابطن جي ??اء?? ويجهي ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ??نو. وزيراعظم سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي معاشي ترقي جي ??اء?? سرحدي منڊين جي جلد پڄاڻي ۽ انهن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي س??حد امن ۽ دوستي جي س??حد آهي ۽ هن سيڪيورٽي معاملن جي حل ??اء?? گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ??نو. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ??اء?? ڀرپور حمايت تي ايراني حڪومت ۽ سپريم ليڊر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حوالي س??ن ٻنهي ملڪن جي هڪ جهڙي موقف تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ??نو. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ ۽ عملي قدمن ۾ اضافي، استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي ??اء?? عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت تي زور ??نو. وزيراعظم ايران جي صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. ملاقات ۾ ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي وزيراعظم کي ايراني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ايران جي خواهش کي ورجايو.